جي ايم سيد جو ڪتب خانو

جي. ايم. سيد جو ڪتب خانو: جي. ايم. سيد جو ڪتب خانو موجوده دؤر ۾ اهم ۽ وڏن ڪتب خانن ۾ شمار ٿئي ٿو. سياست ۽ علم و ادب جي سڌاري ۽ واڌاري واري جذبي سن جي سيد کي ڪتب خاني لاءِ حد بنديون مقرر ڪرڻ نه ڏنيون آهن، جنهن ڪري ڪارڪنن کان وٺي عام ماڻهو ڏينهن جا ڏينهن رهي، ڪتب خاني جي مواد منجهان فائدو حاصل ڪندي، پنهنجي پسند جا ڪتاب کڻندا رهيا آهن. جي. ايم. سيد کي 14 سالن جي عمر کان علم ۽ ادب سان شوق هو. سيد جي ڪتب خاني ۾ گڏ ٿيل ان ذخيري ۾ سڀ کان وڌيڪ برصغير جي لڳ ڀڳ مڙني سياستدانن، اديبن، عالمن، اسڪالرن، سماجي ڪارڪنن، وڏيرن، پيرن، آفيسرن، شاگردن، عام ملازمن، دوستن احبابن ۽ مٽن مائٽن جا اهي سمورا خط، پوسٽ ڪارڊ ۽ تارون شامل آهن، جيڪي آخر عمر تائين جي. ايم. سيد کي مختلف مقصدن، ڪمن ڪارين ۽ ڪن پروگرامن واري حوالي سان موڪليا ويا آهن. ادارن ۽ سياسي جماعتن جو نه رڳو جڙڻ وارو رڪارڊ پر مقصد ۽ مول متن وارو مواد به موجود آهي.
هن ڪتب خاني ۾ اهم ادارن ۽ انجمنن جي ميٽنگن اندر ٿيل بحثن جو رڪارڊ، طئي ٿيل ڳالهين ۽ ظاهر ڪيل پاليسن جو مواد پڻ موجود آهي. سيد جون 1982ع کان 1985ع تائين باقاعدگي سان ۽ ان کان اڳ ايڪڙ ٻيڪڙ لکيل ذاتي ڊائريون پڻ قابل ذڪر آهن. سيد جي ڪتب خاني ۾ فوٽن جو پڻ چڱو خاصو ذخيرو موجود آهي. سنڌ اندر هر قسم جا شايع ٿيل بي انداز پمفليٽ ۽ اشتهار پڻ ڪتب خاني ۾ موجود آهن. جي. ايم سيد صاحب جي لئبريريءَ ۾ عالمي دنيا، برصغير ۽ سنڌ جو تاريخي مواد، مختلف انسائيڪلوپيڊيائن کان سواءِ مختلف مذهبن، مختلف ملڪن ۽ قومن جي ثقافتي ورثن، علم و ادب، تعميراتي علم، سوشالاجي، سائڪالاجي، علم فلڪيات مطلب ته زندگيءَ جي هر شعبي سان وابسته مواد موجود آهي. سڀ کان وڌيڪ ذخيرو علم سياست ۽ مذهب جي مواد جو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو